لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي ويا. ان موقعي تي اويڪيو ٽر??ٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽر??نسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گردواره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هر??يت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پُرامن ملڪ آهي، پاڪستاني سک قوم سان دلي ??حب?? ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽر??ٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽر??ٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اويڪيو ٽر??ٽ بورڊ طرفان مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste