اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مر??ز قائم ڪيو ويو جتي سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سفارتڪارن ج?? سهولت لاءِ قائم ڪاسڪيڊ خدمت مر??ز جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان سينٽر ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ ان ج?? تجديد، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس تصديق، گمشدگي جي رپورٽ، ڪرائيدارن ج?? رجسٽريشن ج?? سهولت خدمت مر??ز ۾ دستياب هوندي. پرڏيهين ج?? رجسٽريشن، گهريلو ملازمن ج?? رجسٽريشن، رضاڪارن ج?? رجسٽريشن، گاڏين ج?? تصديق ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سفيرن ۽ پرڏيهين ج?? سهولت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اهو مر??ز سفارتي برادري ۽ سمورن مهمانن لاءِ سيڪيورٽي ۽ خدمتن ج?? فراهمي جي اسان ج?? عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. خدمت مر??ز ۾ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين کي سموريون سهولتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو سميت پوري گادي واري هنڌ کي خوبصورت بڻائڻ اسان ج?? مشن آهي، ??دمت مر??ز جي قيام سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته 1500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار ۽ 20 پوليس گاڏيون ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن. وفاقي وزير محسن نقوي سفارتڪارن سان گڏجي ڪاسڪيڊ خدمت مر??ز جو دورو پڻ ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پوليس خدمت مر??ز جي مختلف ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ سهولتن ج?? جائزو ورتو. آءِ جي اسلام آباد پوليس پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سمورين سهولتن ج?? باري ۾ بريفنگ ڏني. تقريب ۾ شريڪ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ خدمت مر??ز جي قيام تي گهرو وزير جي ٿورو مڃيو، تقريب ۾ سفارتڪارن ج?? وڏي انگ شرڪت ڪئي، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ??ءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ اسلام آباد پوليس جا سينئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مرڪز قائم، سفيرن ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ