اسلام آباد R11; 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر سان گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپ??ري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپن??ون پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورل?? ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي ساراهيو. هن ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وقتي صدر جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آهن. قطر جي سفير پاڪستان کي هڪ ڪا??وبار دوست ملڪ جي طور تي ساراهيندي چيو ته قطر جو سيڙپ??ري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪ??ري جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ