اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي سوشل م??ڊي?? تي ڌمڪي آميز پوسٽ جي معاملي جي جاچ ايف آءِ اي ??ند??، باني چيئرمين پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ کان پچاڳاڇا ڪئي ويندي ته سندس سوشل م??ڊي?? اڪائونٽ تان جاري ٿيندڙ پوسٽ ڪٿان ڪئي پئي وڃي ۽ سندس سوشل م??ڊي?? اڪائونٽ ڪير هلائي رهيو آهي؟ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته پي ٽي آءِ سدائين صحافين کي نشانو بڻايو، انهن تي حملا ڪيا، انهن جي خلاف سوشل م??ڊي?? تي مهم هلايون، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غيرمشروط معافي وٺڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو ??زي?? آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اختلاف راءِ ڪرڻ، پنهنجا نظريا رکڻ، ڪنهن پارٽي جي نظريي سان اختلاف ڪرڻ ڏوهه بڻجي چڪو هو. هن چيو ته تحريڪ انتشار سدائين صحافين جي خلاف غلط زبان استعمال ڪئي، پي ٽي آءِ سوشل م??ڊي?? تي سڀ کان پهرين صحافين کي هدف بڻايو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي ماڻهن کي اتساهيو ته جيڪو ان جي حق ۾ ڳالهه نه ڪري، ان تي الزام هڻي ڇڏيو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اڄ به ياد آهي لاهور ۾ ثناءَ مرزا ڊي ايس اين جي تي هئي ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو کيس هراسان ڪري رهيا هئا، صحافي صدف انهن جي ڪنٽينر جي هيٺان اچي فوت ٿي وئي، عورت صحافين کي انهن مارڪُٽ ڪئي، انهن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چيو ته علي امين گنڊاپور اسٽيج تي صحافين جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي، انتهائي نامناسب آهي، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غيرمشروط معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو ??زي?? آهي، ڇا کيس سُونهين ٿو ته هو عورتن ۽ پاڪ فوج بابت غليظ زبان استعمال ڪري؟ جيڪو ادارو خيبرپختونخواهه جي اندر قربانيون ڏئي رهيو آهي، توهان ان جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهيو، اها سٺي غيرت آهي جيڪو توهان جون زندگيون محفوظ بڻائي، توهان انهن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪريو، اهڙو طرز عمل مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پارليامينٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، انهن جي وڊيوز رڪارڊ تي موجود آهي، جيڪا شيءَ ڪئميرا جي اک ڏيکاري آهي اها بلڪل واضح آهي، انهن کي عورت صحافين ۽ هڪ صوبي جي وڏي ??زي?? جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪرڻ تي شرمندگي نٿي ۽ پنهنجي گرفتارين تي واويلا شروع ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? وڌيڪ چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سوچ فاشزم تي ٻڌل آهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سان گڏجي هن اپ??زي??ن جي هر اڳواڻ تي ڪيس ٺاهيا، اهو سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته انهن پاليسي ڪهڙي آهي؟ هي اسان جي اڳواڻن کي ڪوڙي ڪيسز ۾ جيلن ۾ وجهندا رهيا ۽ دُهل وڄائيندا هئا. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پاران سوشل م??ڊي?? تي پيغام جاري ڪيو ويو جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته هي ملڪ ۾ انارڪيءَ ڦهلائڻ چاهين ٿا، هي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب الرحمان سان ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ايف آءِ اي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي جاري ٿيندڙ پوسٽ جي جاچ ??ند??، ان ڳالهه جي جاچ ٿيندي ته سوشل م??ڊي?? تي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو اڪائونٽ ڪير هلائي رهيو آهي؟ باني چيئرمين پي ٽي آءِ ملڪي سالميت جي حوالي سان ٻيهر سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ماڻهن کي اتساهيو ته توهان مهم شروع ڪريو. هن چيو ته پر توهان ان سازش ۾ بلڪل ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ گهرو ??زي?? تي پڻ الزام هنيا جڏهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ سموريون سهولتون ميسر آهن، واڪنگ گيلري دستياب آهي، گهر کان کاڌو اچي رهيو آهي. وفاقي ??زي?? چيو ته رياست تي حملي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿي رهيو آهي، معيشت جي بهتري سان انهن کي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ انهن ملڪي ادارن ??ي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.
پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي سوشل ميڊيا تي ڌمڪي آميز پوسٽ جي معاملي جي جاچ ايف آءِ اي ڪندي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil