اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان من??ي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي ??وجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ من??ي پاڪس جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي من??ي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، با??ڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي من??ي پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي حوالي سان روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ من??ي پاڪس جي جاچ جي حوالي سان سمورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، من??ي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سان رابطا بهتر بڻائڻ ۽ من??ي پاڪس جي حوالي سان موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو من??ي پاڪس جي حوالي سان هفتيوار بريفنگ وٺندو، بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ضلع مردان جي هڪ شخص ۾ من??ي پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئي ??اڪستان آيو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رک??و ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت من??ي پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگسٽ 2024ع تي من??ي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان من??ي پاڪس جي حوالي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون من??ي پاڪس جي حوالي سان آگاهي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ٻڌا??و ويو ته من??ي پاڪس جي حوالي سان سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ اڏامن جي نگراني ڪندي. صوبائي حڪومتون گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سميت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا من??ي پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، منڪي پاڪس جي ازالي لاءِ موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری