رحيم ??ار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گه??و معاملن واري وفاقي وزير محس?? نقوي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرروت تي زور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ آئنده لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گه??و وزارت مان جاري بيان موجب گه??و وزير جي صدارت هيٺ رحيم ??ار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گه??و وزير کي ڪچي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي باري ۾ پنجاب پوليس، پنجاب رينجرز ۽ سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گه??و وزير ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گه??و وزير آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محس?? نقوي چيو ته شرپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن کان بدلو وٺڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس پنجاب، ڊي جي رينجرز پنجاب، سي ٽي ڊي پنجاب، پنجاب ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری