بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزيڪيوٽو ن??ئب وزيراعظ?? ڊنگ زوڪسيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن سال 26 مارچ تي شانگلا حملي تي چين جي ايگزيڪيوٽو ن??ئب وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي خاطري ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپار، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن خنجراب بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ?? تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي وڌندڙ ??فتار کي برقرار رکڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي ?? انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن صنعت، زراعت ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت مثبت منافعي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين جي ن??ئب وزيراعظ?? ڊنگ زوڪسيان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : quina acumulada