مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج ع??يدت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پير?? ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ?? چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج ع??يدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج ع??يدت پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.
ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي 6 نومبر تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ٿيندي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج