اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ش??باز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پا??ٽي جي چيئرمين دولت ب??هچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ش??باز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم ش??باز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ش??باز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم ش??باز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم ش??باز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ترڪ صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha