اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن ۽ عراق جو دورو ڪن??و. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير دوري جي پهرين مرحلي ۾ اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي شاهي خاندان ۾ شادي جي هڪ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ويندو. پرڏيهي وزير 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪن??و. دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقاتون ڪن??و ۽ پنهنجي هم منصب سان تفصيلي ملاقات ڪن??و. دوري دوران اهم معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. پرڏيهي وزير ا??و دورو عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II