ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقد??س بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻ??هي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گه??راءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ قوم پاران منفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳا??هه ٻو??هه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳا??هه ڪندو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر