ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي خاص طور تي ر??زگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ عورتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروبار سان واڳيل عورتون نه رڳو ??نه??جي لاءِ پر ٻين عورتن جي لاءِ پڻ روزگار جي فراهمي ۽ افرادي قوت ۾ صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان گيريزن ۾ ٽن ڏينهن واري بليو فيئر ٽريڊ ا??ڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها نمائش وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري ملتان جي اهتمام هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ دستڪاري، ڪپڙن، ٻارن جي ڪپڙن، زيورن، فرنيچر، ڪاسميٽڪس، جوتن خاص طور تي ملتاني کُسي، ڪاٺ جي سامان ۽ کاڌي جا اسٽالز لڳايا ويا آهن. هن سال يونيورسٽي جي شاگردن پاران هٿ جي هُنرن جي اسٽالن سميت ايڪسپو ۾ 100 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا آهن. بليو فيئر ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب مان عورت ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪري ر??يون آهن. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه عارف علوي ملتان چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري پاران عورتن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ساراهيندي چيو ته هي عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ سياسي ۽ سماجي اهميت واري معاملي تي ??نه??جي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو پليٽ فارم ثابت ٿي ر??يو آهي. هن چيو ته فيشن شوز ۽ نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جا طريقا آهن ڇو ته اهي سرگرميون روايتي ۽ جديد دستڪاري، ڪپڙن ۽ روزاني جي استعمال جي شين جي نمائش جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جون نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انهن کي نيٽ ورڪنگ ۽ رابطي جي ترقي جا موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون. بيگم ثمينه عارف علوي ٻڌايو ته دماغي صحت جي مسئلن جي لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوءَ پاڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪري ر??ي آهي. بليو فيئر جي سفير ۽ ڊبليو سي سي آئي جي اڳوڻي صدر فاطمه فضل چيو ته ڏکڻ پنجاب تخليقي صلاحيتن، فن ۽ دستڪارن جو مرڪز آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ ايڪسپو سينٽر ڏکڻ پنجاب جي عورت واپارين جي لاءِ موقعا کوليندو. ڊبليو سي سي آئي جي سرپرست اعليٰ فرخ مختار ??نه??جي خطاب ۾ چيمبر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي خاتون اول مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي ڪاريگرن جي محنت ?? چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو.
ڪاروبار سان واڳيل عورتون صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو