اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعاون کي فروغ ??يڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جن کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ??يڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??ريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وقت سريلنڪا جا 20 سينيئر سول سرونٽس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ريليشنز، پيس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، پبلڪ پاليسي ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ بابت ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر بيوروڪريسي تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، نظام جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ تيز رفتار ??رقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي تي ڌيان ??يڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ??يڻ ۾ مدد جي لاءِ تيز فيصلا ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته بيورڪريٽس ۽ سياستدانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي لاءِ فڪري رستا ٺاهڻ جي لاءِ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته فڪري برتري قومن کي عظيم بڻائيندي آهي. رياستن کي علمي معيشتن کي ترقي ??يڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري تي ڌيان ??يڻ گهرجي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏئي ۽ سازگار ڪاروباري پاليسيون اختيار ڪري تيز رفتار ??قتصادي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. صدر اسرندڙ ملڪن بابت اهڙن مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالي طور تي وڌيڪ نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته خراب معاشي فيصلن جو خميازو اڪيلي عام ماڻهو تي نه ٿو وجهي سگهجي ۽ اشرافيه کي به ملڪ جي بهتري لاءِ بار ورهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فيصلاسازن ۽ بيوروڪريسي کي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي لاءِ پنهنجا رويا ۽ ذهنيت تبديل ڪرڻي پوندي. علائقائي تعاون بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي صدر ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سان خطي جي ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي پولرائيزيشن کان پري رهڻ گهرجي ۽ خواندگي، صحت، موسمياتي تبديلين، گلوبل وارمنگ ۽ علائقائي تعاون کي بهتر بڻائڻ جهڙن مسئلن تي ڌيان ??يڻ گهرجي. ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن جي سول سرونٽس کي تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس هن وقت هڪ ايگزيڪيوٽو ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سول سرونٽس ۽ اڪيڊمين جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ??يڻ کانسواءِ سول سرونٽس کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ