اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ??تا??ر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊا??رن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل ??ري?? ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊا??رن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، ??تا??ر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊا??رن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊا??ر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدارن جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو ??تا??ر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا