اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) سومر ڏ??نه?? بزنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري ??زا??ت پاران منعقد پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. ناڻي واري ??زا??ت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي هن وقت ناڻي واڌ ۾ اضافو، وڏي ٻاهرئين خساري، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ وڌندڙ غيريقيني واري صورتحال جهڙا ڪيترائي معاشي ??ئل??نجز درپيش آهن. ان کانسواءِ موجوده عالمي اقتصادي منظرنامو پڻ ملڪي اقتصادي منظرنامي جي لاءِ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي. موجوده حڪومت جي ڪلي معيشت جي وڌندڙ عدم توازن تي ٻڌل هڪ اهڙي معيشت ورثي ۾ ملي آهي جنهن پاڪستان کي مالياتي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ موجوده حڪومت مختلف فوري قدمن ذريعي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ٻاهرئين ۽ مالياتي شعبن جي پائيداري کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختصر وقت ۾ قدم کنيا آهن. ناڻي واري ??زا??ت موجب حڪومت ايندڙ مالي سال 2023ع جو وفاقي ميزانيو تيار ڪري رهي آهي، بجيٽ سازي ۾ عوامي شرڪت ۽ شموليت جي ذريعي ترقي پسند، ترقياتي ۽ عوام دوست بجيٽ ٺ??هڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. انهي ڏس ۾ موجوده حڪومت ڪاروباري شعبي سان حصيداري جي خواهش رکي ٿي ته جيئن نئين وفاقي بجيٽ نجي ۽ ڪاروباري شعبي ۽ عوام جي اميدن جي عڪاس هجي. ناڻي واري ??زا??ت موجب نجي شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. نجي ۽ ڪاروباري شعبي جي قيمتي راءِ ۽ تجويزن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ 7 جون 2022ع تي بزنس، زراعت ۽ آءِ ٽي تي هڪ پري بجيٽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اها ڪانفرنس ناليوارن واپارين، زراعت جي ماهرن ۽ آءِ ٽي ماهرن کي غور فڪر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي ۽ ماهر ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، ڪاروبار ۽ برآمدي شعبن بابت نوان خيال ۽ سفارشون پيش ڪندا. ڪانفرنس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف خطاب ڪندو. ناڻي واري ??زا??ت موجب حڪومت هن مشڪل وقت ۾ معيشت کي اعليٰ، پائيدار ۽ ٺوس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن کي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٻڌل ٺوس بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري وزارت پاران منعقد پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania