اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شريف ??ي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف ??نهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف ??مورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهباز شريف ??نشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، ??ديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظا?? ڪيو، وفاقي وزير چ??و ته شهباز شريف ??وهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شريف ۽ شهباز شريف، حڪومت ۾ به نواز شريف ۽ شهباز شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شريف ۽ شهباز شريف ??ي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز شريف ??مران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي باهه شهباز شريف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45
عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا