اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بل??چستان ۾ شهادت ماڻيندڙ 10 جوانن ۾ شامل ٻن جوانن جو تعلق جهلم سان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهلم جا قبرساتن انهن شهيدن جي رت جي خوشبوءَ سان مهڪن ٿا ۽ جيڪو ??رض اسان جي ساهن تي هو، اهو ??رض اسان موٽائي ڏنو آهي. هن شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن بل??چستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي د??شتگردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ انهن ٻن جوانن جون تصويرون به شيئر ڪيون.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش