اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد عمير شرجيل انعام ميمڻ ري??رنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب محمد عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران محمد عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي ??يو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آه??، نيب محمد عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، محمد عمير اهم ڪاغذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪاغذ چوري ٿيا، الماري تائين رسائي صرف محمد عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چوري هجڻ جو ٻڌايو ويو جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر ??يو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذن جي چوري هڪ ڪڌو ڏوهه آه??، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستان کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقصان کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آه??، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چوري ٿي ويندا آه??. هن ??يو ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چوري ٿيا، باقي سڀ ڪاغذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر ج?? ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر ??يو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آه??، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳوڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال