??سل??م آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري، عمران خان جي مديني جي رياست جي عزم کي اڳتي وڌائينداسين، گڏيل قومن جي فورم تي عمران خان مغرب جي اکين ۾ اکيون وجهي ??سل??م جو دفاع ڪيو. هو درٻار عاليه عيدگ??هه شريف ۾ عالمي يا رسول صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو خاص مددگار علامه طاهر اشرفي به موجود هئا، ڪانفرنس جي صدارت سجاده نشين عيدگ??هه شريف پير نقيب الرحمان ڪئي جڏهن ته صاحبزاده حسان حسيب الرحمان به خطاب ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ جو اهو ميڙاڪو عاشقان رسول ﷺ جو اجتماع آهي، نبي پاڪ ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مڪمل حيات جو ضابطو آهي، هتان امن، ??حبت، احساس، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملي ٿو.
ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste