اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي مڪروهه ڪاغذي ڪارروائي کي رد ڪري ٿو، وزيراعظم عمران ??ان ڪشميرين جي حقيقي ترجماني ڪري انهن جي حقن جي علمبردار هج?? جو ثبوت ڏنو آهي، مودي سرڪار والاريل واديءَ جي حيثيت تبديل ڪري ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ نه ڇڏيندو، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام جي آزادي تائين سک نه ويهندا، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ۽ پاڪستان کي جدا نه ٿي ڪري س??هي?? ڀارت خطي ۾ امن خراب ڪرڻ چاهي ٿو، خطي جو ڪو به ملڪ ڀارتي جارحاڻن قدمن جي حمايت نه ٿو ڪري. هن اها ڳالهه ناليواري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چئي.
پاڪستان ڀارت جي مڪروهه ڪاغذي ڪارروائي کي رد ڪري ٿو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار