ڪولمبو-23 سيپٽمبر (اي پي پي ) سريلنڪا جي اليڪشن ڪم??شن اعلان ڪيو آهي ته مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسانائيڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي مي??يا موجب پيپلز لبريشن فرنٽ اتحاد جي 55 ورهين جي اڳواڻ انورا ڪمارا ڊسانائيڪا کي هف??ي جي آخر ۾ ٿيل چونڊن ۾ پنهنجي ويجهي مخالف جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 13 لک وڌيڪ ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڊسانائيڪا کي 57 لک 40 هزار ووٽ جڏهن ته سندس مخالف ساجهه پريماداسا کي 45 لک 30 هزار ووٽ مليا . موجوده لبرل صدر انيل وڪرم سنگهه ( ٻه سال اڳ ان وقت ملڪ جي قيادت سنڀالي جڏهن معيشت پنهنجي بدترين حالت ۾ هئي ان کي ووٽن ۾ ٽيون نمبر مليو آهي . سريلنڪا جي چونڊيل صدر پنهنجي هم وطنن کي دعوت ڏني آهي ته هو ما??ي بحران جي شڪار ملڪ جي مدد ۾ سامل ٿين .اليڪشن ۾ ڪاميابي جي اعلان بعد هڪ بيان ۾ هن چيو ت?? صدين کان جيڪو خواب ڏٺو هيو اهو آخر ڪار پورو ٿي رهيو آهي. اها فتح اسان سڀني جي آهي.
سريلنڪا جو مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسانائيڪي صدارتي چونڊن ۾ سوڀارو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ