واشنگٽن-01 مئي (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي ته رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان سندس خدشا ختم ناهن ٿيا، اسان فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آ??اد??ءَ بابت پُرعزم آهيون. العربيه ار??و مطابق اها ڳالهه آمريڪي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل گذ??يل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسائيل ڏکڻ غزه پٽيءَ جي شهر رفح ۾ فوجي آپريشن جي حوالي سان ڪو قابل اعتماد منصوبو سامهون نه آڻي سگهيو. پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن به اسرائيلي عملدارن سان ملاقات دوران فوري جنگبندي معاهدي تائين پهچڻ ۽ يرغمالين جي رهائيءَ جي عزم جو اظهار ڪي?? آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير گذ??يل ڏينهن ايريز (بيت حانون) ڪرانسگ ذريعي غزه پٽيءَ ويندڙ پهرين ار??ن جي امدادي ٽر??ن واري قافلي جو مشاهدو ڪي??. واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ان عزم جو اظهار ڪي?? هو ته رفح شهر ۾ بيگهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ فلسطينين جي مستقبل بابت عالمي ڳڻتيءَ باوجود فوجي ڪارروائي جاري رکندا.
رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان اسان جا خدشا ختم ناهن ٿيا، فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا