عمان -17 اپريل (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته انهن جو ملڪ ڪنهن به صورت ۾ علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه عبدالله ملڪي سالميت ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن معاملن کي ترجيح ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اردن جو مقصد ا??را??يل جي دفاع ??رڻ بدران پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ??رڻ آهي. سندس اهو بيان ا??را??يل تي فائر ڪيل ايراني ميزائيلن کي اردن پاران رستي ۾ تباهه ??رڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هوڏانهن برلن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي جرمن هم منصب سان ڳالهائيندي اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي چيو ته ايران پنهنجي حملي کي ا??را??يل پاران ان جي قونصليٽ تي حملي جو جواب قرار ڏنو آهي، ۽ چيو آهي، ته هو ان معاملي کي اڳيان وڌائڻ نه ٿا چاهين. اسان موجوده اشوز کي اڳيان وڌائڻ جي خلاف آهيون.ا??را??يلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايران سان تڪرار چ??هي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي ا??را??يلي وزيراعظم کي ايران سان ٽڪراءَ کي روڪڻ گهرجي.
اردن علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو: شاهه عبدالله (ٻه)
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa