گڏي?? قومون -19 جولاءِ (اي پي پي)گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مصنوعي ذهانت جي حوالي سان منعقد ٿيل پهرين اجلاس ۾ چين چيو آهي، ته ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو آهي، ته اها ٽيڪنالاجي ماڻهن تي پابندي لڳائڻ يا کين دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، برطانوي خابرو ايجنسي مطابق برطانيه جي پ??ڏي??ي وزير جيمز ڪليوري چيو آهي، ته مصنوعي ذهانت انساني زندگي جي هر بنيادي پهلو کي بدلائي ڇڏيندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ معيشتون کي هٿي وٺائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اها ٽيڪنالاجي غلط معلومات کي هوا ڏيڻ ۽ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي هٿيارن جي ڳولها ۾ مع??ونت ڪري سگهي ٿي، 15 رڪني ڪائونسل کي گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هاءِ پروفائيل آرٽيفيشل انٽيليجنس اسٽارٽپ انٿروپڪ جي شريڪ باني جيل ڪلارڪ ۽ چائنا يو ڪي ريسرچ سينٽر فار اي آءِ ايٿڪس اينڊ گورننس جي شريڪ ڊائريڪٽر پروفيسر زينگ يي بريفنگ ڏني. گڏي?? قومن جي سربراهه چيو ته مصنوعي ذهانت جو فوجي ۽ غيرفوجي شعبن ۾ استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو. هن انهي غيرمعمولي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪرڻ ??ي ڪجهه رياستن طرفان گڏي?? قومن جي هڪ نئين اداري جي قيام جي مطالبن جي پڻ حمايت ڪئي. گڏي?? قومن ۾ چين جي سفير مصنوعي ذهانت کي ٻه منهين تلوار قرار ڏنو ۽ چيو ته چين مصنوعي ذهانت لاءِ رهنما اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏي?? قومن جي مرڪزي ڪردار جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان ان کي ڪهڙي طرح استعمال ڪندو آهي ان کي ڪهڙي ريت منظم ڪندو آهي ۽ اسان سائنسي ترقي کي سيڪيورٽي سان ڪنهن ريت توازن ۾ رکون ٿا.
مصنوعي ذهانت ٻه منهين تلوار آهي، ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي: سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران چين جو موقف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری