دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ ا??فر??سٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن (ڪيو بي اي) جي وقد شيخ فيصل بن قاسم الثاني جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قطر جي اهم ڪاروباري شخصيتن جن ۾ المنا گروپ جي وائيس چيئرمين ۽ سي اي او سعود بن عم بن حمد المنا، منائي ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خالد احمد المنائي، چيئرمين ايم اي اين اي ۽ ڊوئچي بئنڪ جي چيف ڪنٽري افيسر صلاح مح??د جيده، منصور جاسم الثاني گروپ جي چيئرمين شيخ منصور بن جاسم الثاني، بليو سيلون جي سي اي او نبيل ابو عيسيٰ ۽ ڊائريڪٽر سينڊين گروپ يوسف ابراهيم المحمود سميت معيشت جي اهم شعبن جا بااثر اڳواڻ شامل هئا. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل هدفن جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف قطر جي ڪاروباري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باضابطا دعوت ڏيندي پاڪستان جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش جڳهه جي حيثيت سان توانائي، ا??فر??سٽرڪچر ۽ ٻين اهم اقتصادي پراجيڪٽس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. وفد پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي خاص طور تي توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ايندڙ منصوبن ۾ دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. ملاقات دوران پاڪ قطر اقتصادي لاڳاپن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ امڪاني تعاون جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جي تخليق ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. وفد وزيراعظم جي دعوت جو مثبت جواب ڏيندي پاڪستان جي توانائي ۽ ا??فر??سٽرڪچر جي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطري وفد اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه مح??د آص??، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير مح??د اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن پاران وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria