اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ ??نٽ??ا پارٽي چونڊن جي معاملي ڪميشن مسلسل لچڪ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ته هو پنهنجون آئيني گهرجون پوريون ڪري تنهن هوندي به ان سستي ۽ دير جي سموري ذميواري لاڳاپيل پارٽي تي لاڳو ٿئي ٿي، اليڪشن ڪميشن ان معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تازي ??نٽ??ا پارٽي چونڊ 3 مارچ 2024ع تي ڪرائي، ان ??نٽ??ا پارٽي چونڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون هيون جنهن سبب اليڪشن ڪميشن ان کي 23 اپريل تي نوٽيس موڪليو، ان ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 30 اپريل 2024ع تي ٿي، ترجمان چيو ته اپريل کان وٺي آڪٽوبر 2024ع تائين ان ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پر انهن ٻڌڻين مان پنج ڀيرا ان پارٽي وڌيڪ وقت گهريو ۽ اڄ جي ٻڌڻي سميت هر ڀيري ٻِڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 208 ۽ 209 تحت سمورين سياسي پارٽين تي لازمي آهي ته هو پنهنجي پارٽي آئين موجب پنج سالن اندر ??نٽ??ا پارٽي چونڊون ڪرائين. پي ٽي آءِ کي 13 جون 2021ع تي پنهنجون ??نٽ??ا پارٽي چونڊون ڪرائڻيون هيون پر مقرر وقت تائين اهي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن آخرڪار 27 جولاءِ 2021ع تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس جي جواب ۾ پارٽي طرفان هڪ سال جي توسيع جي درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ ڪووڊ -19 جي صورتحال کي جواز بڻايو ??يو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي کي 13 جون 2022ع تائين جي مهلت ڏيندي اها درخواست قبول ڪئي. هنن جون 2022ع ۾ فارم 65 تحت ??نٽ??ا پارٽي چونڊن جا دستاويز جمع ڪرايا جيڪي اڻ پورا هئا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڪرائي ۽ وڌيڪ دستاويز طلب ڪيا، پر پارٽي طرفان دير جو سلسلو جاري رهيو، اليڪشن ڪميشن طرفان ان معاملي تي باقاعدگي سان ٻڌڻيون ڪيون ويون.
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي: ترجمان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino