نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فا??ون??يشن جي پاڪستان ??ان ??عاون کي ساراهيندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فا??ون??يشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئي. هلندڙ سال جون ۾ بل گيٽس جي پاڪستان ??ي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڊسمبر 2024ع ۾ س??ٽل مين گيٽس فا??ون??يشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پاڪستان ??ان ??عاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فا??ون??يشن جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت تي ??ور ڏنو. پاڪستان ??ي پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن جو اعتراف ڪندي بل گيٽس ??ور ڏنو ته پوليو جو خاتمو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان ??چائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن سڄي ملڪ ۾ پوليو ويڪسين پروگرام ۾ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانستان ??ان ??حت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ انهن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي. هن انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پوليو ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان ??نڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خاص طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وزيراعظم کي شاهه سلمان ??نساني امداد ۽ ريليف سينٽر جي پوليو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم سان ??ي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خاص طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان ??نهن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم گيٽس فا??ون??يشن جي غزه ۾ پوليو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي ??ور ڏنو. هن پاڪستان ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان مان پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ