اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي هوائي اڏن تي ??سا??رن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??سا??رن کي بهترين سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدا??ت ۾ هوابازي شعبي جي سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هوائي اڏن تي ??سا??رن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، عالمي اڏامن جي وقت ??سا??رن کي ڊگهي انتظار کان بچائڻ جي لاءِ انهن وقتن ۾ وڌيڪ ڪائونٽرز آپريٽ ڪيا وڃن. هن چيو ته هوابازي شعبي جو هن سال جي سيفٽي آڊٽ جلد مڪمل ڪئي وڃي، گذريل حڪومت جي دور ۾ هوابازي شعبي جي سڌارن جي لاءِ ا??وي ايشن ايڪٽ منظور ڪرايو. وزيراعظم چيو ته ا??وي ايشن ايڪٽ تحت سمورن پاليسي قدمن ۽ سڌارن جو لاڳو يقيني بڻايو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??سا??رن کي بهترين سهولتون يقيني بڻايون وڃن، اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان سڌارن جي ڪري پاڪستان جو هوابازي شعبو صحيح رخ طرف گامزن آهي، آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول سسٽم تحت خودڪار اميگريشن گيٽس هڻڻ سان ??سا??رن کي وڌيڪ سهولت ٿيندي. اجلاس کي هوابازي شعبي جي سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ ا??وي ايشن ايڪٽ 2023ع منظور ٿيو، ا??وي ايشن ايڪٽ تحت شعبي ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جو لاڳو جاري آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ايڪٽ تحت ايئرپورٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ سول ا??وي ايشن کي جدا ڪري آپريٽر ۽ ريگيوليٽر جي فرضن جي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن نئين منصوبن ۽ قدمن جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن يقيني بڻائي پئي وڃي، لاهور ايئرپورٽ تي ??سا??رن جي سهولت جي لاءِ ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ۽ انتظارگاهه ۾ توسيع ڪئي وئي آهي. بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسڪردو ايئرپورٽ جي توسيع جي لاءِ جلد فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ٿي ويندو، هوائي اڏن تي آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول هڻڻ جي لاءِ اظهارِ دلچسپي ملي چڪا آهن. اجلاس کي سڄي ملڪ جي هوائي اڏن تي ??سا??رن جي سهولت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي لاءِ هوائي اڏن تي نجي ڪمپنين جي اڏامن جي حوالي سان پڻ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن کي بهترين سهولتون يقيني بڻايون وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت