اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر م??لڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت ??ون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر م??لڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر م??لڪت مادر وطن لاءِ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي خراج عقي??ت پيش ڪيو. صدر م??لڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت ??ون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر م??لڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر م??لڪت آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2