ابوظهبي – 23 ?? مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪ??تا?? سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪ??تا?? ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ??مپ??ين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪ??تا??ي ٽيڪ ??مپ??ين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪ??تا??ي ۽ اماراتي آءِ ٽي ??مپ??نن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن