اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاقي وز??رتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪا??ي واري وز??رت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ۾ ڪي??. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور وا??ي وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪا??ي وا??ي وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وا??ي وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪا??ي واري وز??رت ۽ نجڪاري ڪميشن پاران جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪي?? ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪي?? ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چيو ته سواءِ اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ڪي?? ويندو. ان حوالي سان وزيراعظم سمورين وفاقي وز??رتن کي ان حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪي?? ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪي?? ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪي?? ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سان ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪي?? ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪي?? ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خسا??ي وارن سرڪاري ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪي?? ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پ??ي ڪواليفائيڊ پينل مقرر ڪي?? پيو وڃي.
وزيراعظم پاران سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil