اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي تبديلين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن خاص طور ت?? 2022ع جي ٻوڏ سان تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي گهٽ ڪرڻ ??ي لاءِ ماحول دوست ۽ موسمياتي طور تي پائيدار بنيادي ڍ??نچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اهڙي طرح ماحول دوست ۽ صاف توانائي کي نيشنل انرجي مڪس جو بنيادي حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ماحول دوست ت??انائي سان اقتصادي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا جنهن سان توانائي سستي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔