تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪ??تا?? جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪ??تا??ي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪ??تا?? جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فو??يا ۽ اسلامو فو??يا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فو??يا جي اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نگران وزيراعظم پاران علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری