مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون يوم تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ??لهايو ويو. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ يعني الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري رهندي. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مظ??ر آباد مان 21 ت??پن جي سلامي سان ??ي، پاڪ فوج يوم تاسيس جي موقعي تي ت??پن جي سلامي ڏني. 76 هين يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر مظ??رآباد پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ان??ارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومتي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري، وزيراعظم چوڌري ان??ارالحق پرچم ڪشائي پڻ ڪئي. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري ان??ارالحق ڪاڪڙ يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.
آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون يوم تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا