بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وز??ر ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گ??را دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وز??رن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha