اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽر??نسميشن لائين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان سندس انتهائي تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ل??ءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مستقبل جي تعاون جي روڊ ميپ جي لاءِ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ بجلي جي شعبن کي ترجيحي بڻائڻو آهي. ان مقصد جي لاءِ آزاد واپار جي معاهدي تي ڪم جي رفتار تيز ڪ??ڻ کي ترجيحي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪالهه بلوچستان جي ماڻهن لاءِ هڪ يادگار ڏينهن هو. من پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽر??نسميشن لائين جي گڏيل افتتاح سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. هن چيو ته سرحدي منڊين ذريعي واپار جي وڏي گنجائش آهي، جنهن مان ا??ان فائدو کڻنداسين. مند پشين بارڊر مارڪيٽ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ آهي. هن چيو ته انهن سڀني ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن 2009ع کان التوا هيٺ ٽر??نسميشن لائين منصوبي کي رڪارڊ چئن مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪ??ڻ کي يقيني بڻايو آهي.
مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽرانسميشن لائين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ