اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خ??شي جو اظهار ڪندي ان سهولت جي شروعات تي ڊاڪٽرز ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله پاڪستان ۾ جگر ۽ گردي جي علاج جو جيڪو ??وٽو پوکيو هو ان ميوو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي ڪي ايل آئي ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهل وط?? کي ملڪ جي اندر ئي جگر ۽ گردي جي جديد ترين علاج جي سهولت ڏيڻ هئي، ان سهولت جي شروعات سان پاڪستان ۾ مريض?? کي جگر ۽ گردن جي ورلڊ ڪلاس علاج جي مقامي سطح تي سهولت ميسر اچي وئي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پي ڪي ايل آئي پاڪستان جو ”جان پاڪنز“ بڻجندو. هن چ??و ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2019ع ۾ پنهنجي ڀاءُ کي وڌيڪ پگهار ڏيارڻ جي لاءِ چڪر ۾ چڪر نه هلائي ها ته اڄ پي ڪي ايل آئي تمام گهڻو اڳتي هجي ها. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گردي ۽ جگر جي مرضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اميد آهي پي ڪي ايل آئي سان ان مرض?? کي روڪڻ ۽ موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ گردي جي مرضن سان فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 2.77 سيڪڙو آهي جنه?? کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آئي جهڙي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال ٻين علائقن ۾ به ٺاهينداسين. هن چ??و ته اڳوڻي حڪومت ادارن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف روبوٽڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي رهي، اسان اها ٽيڪنالاجي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي. هن چ??و ته تعليم، صحت جي ??ال??ي سطح جي سهولتن جي پاڪستاني?? کي فراهمي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ عوام جي ڀلائي جو جيڪو سفر روڪيو ويو هو، الله ت??ال??ٰ جي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هن چ??و ته وزيراعظم عوام جي خدمت لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ادا ڪندس، عوام جي خدمت جو رستو نه ڇڏيندس.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آئي ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا