اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ واضح ڪيو آهي ته ڪش??ير جي غيرتمند عوام سمورين مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪاري تائين ڀارت جي هٽلر جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ ڪش??يري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تصويري نمائش جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ياسين ملڪ جي ڌيءَ رضيه سلطانه ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل سبين حسين ملڪ پڻ موجود هئا. مشعال حسين ملڪ چيو ته فنڪار ۽ مصور پنهنجي قلم، برش ۽ نظمن کي استعمال ۾ آڻي دنيا کي و??لا??يل واديءَ جي المناڪ صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تصويري نمائش و??لا??يل ڪش??ير جي ماڻهن تي ڀارتي فوج جي بربريت ۽ ڀارتي ظلم سڄي دنيا آڏو آڻڻ جو اهم ذريعو آهي. مشعال ملڪ چيو ته و??لا??يل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي پائمالي، رياستي ڏاڍ ۽ مودي سرڪار جي ڪڌي حربن کي سڄي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تمام اهم آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ سميت سينيئر حريت اڳواڻ حراست هيٺ آهن ۽ انهن کي انهن جي بنيادي ۽ قانوني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته نريندر مودي جي سرپرستي ۾ هندوتوا حڪومت فسطائي حربن کي استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان و??لا??يل واديءَ کي هڪ سب جيل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي ۽ ڪش??يرين جي نسل ڪش??ءَ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. مشعال حسين ملڪ چيو ته آرٽ جو ڪش??يري عوام جي جدوجهد جي اظهار ۾ اهم ڪردار آهي ڇو ته آرٽ ڪش??ير مسئلي جي ڏک ۽ درد کي بيان ڪري هر ڪنهن جي دلين تائين پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته اين سي اي جو دل ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ هوءَ سدائين انهن جي تقريبن جو حصو بڻجي حوصلا افزائي ۽ اعزاز محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ڪش??ير ڪاز کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهم منعقد ڪئي. هن خاص طور تي ڪش??ير ڪاز کي سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اين سي اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن کي ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته فاشسٽ مودي حڪومت ڀارتي غاصباڻي قبضي تحت و??لا??يل ڪش??ير تي مسلسل ظلم جاري رکيو آهي ۽ ڏوهاري طريقن سان ڊيموگرافي پڻ تبديل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪش??ير جي حمايت جاري رکندو، ڪش??يرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي تحفظ جو واعدو پورو ڪنداسين. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته ڪش??ير کي پنهنجي قراردادن موجب آزادي ڏياري ۽ ان تڪرار کي ڪش??يرين جي امنگن موجب جلد کان جلد حل ڪرائي. هن نمائش ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو ۽ ان نمائش منعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري جا ٿورا مڃيا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ ڄمون ڪش??ير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ جو استقبال ڪيو.
ڪشمير جي غيرتمند عوام آزادي جي تحريڪ جاري رکندي: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر