اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چ??و ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چ??و ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پن??نجي پٽ ارشد شريف جي ميت ??لد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چ??و ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏيار??و ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.
مريم اورنگزيب جي ارشد شريف جي والده سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ