اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر ??وو??سيز پاڪستانين جي ووٽن کان ڊنل آهي، پيپلزپارٽي کي سڀني کان وڌيڪ نقصان آصف علي زرداري پهچايو، نواز شريف ضياءُ الحق جي نرسري ۾ وڌيو ويجهو، اسان جو سياسي بيانيو اهو آهي ته دنيا ۾ ڪ?? به پاڪستاني ڇاتي تي هٿ هڻي چئي ته اهو پاڪستاني آهي، هي اهو بيانيو آهي جيڪو عمران خان کان پهرين پاڪستان ۾ ڪ??هن اڳواڻ ناهي ڏنو، پنهنجو پاڻ تي ??عت??اد، پنهنجي قوم تي ??عت??اد، پنهنجي اڳواڻ تي ??عت??اد، اڄ پورو پاڪستان عمران خان کي انهي ??عت??اد سان ڏسي ٿو، سدائين اهو چيو ته سياسي قد ڪاٺ وارن کي ووٽ ڏيو، ان کي ووٽ نه ڏيو جنهن جي پنهنجي ڪا به حيثيت نه هجي، اهڙي ماڻهو کي اڳواڻ بڻايو جيڪو توهان جي عزت ۾ اضافو ڪري، توهان گواهه آهيو ته پوري دنيا ۾ پاڪستانين جي عزت وڌي آهي، اڄ اسان پنهنجو پاسپورٽ فخر سان سامهون رکون ٿا ته دنيا ۾ ان پاسپورٽ جي عزت ۽ توقير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ منعقد ??وو??سيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??وو??سيز پاڪستانين جي قيادت کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار چئون ٿا، سمورن ??وو??سيز پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهي اسان سان گڏ بيٺل رهيا آهن، ??وو??سيز پاڪستانيز جي سوچ اصل قومي سوچ جو اظهار آهي، وزيراعظم عمران خان سائي پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته اسان جو وزيراعظم عمران خان آهي، اڄ اسان جو وزيراعظم اهو ناهي جنهن جون ڪانپين ٽانگ رهيون هجن، وزيراعظم عمران خان جڏهن عالمي شخصيتن سان ڳالهائيندو آهي ته هو پاڪستانين جي عزت ۾ اضافو ڪندو آهي، وزيراعظم عمران خان هر فورم تي پاڪستانين جي ڳالهه ڪندو آهي، ??وو??سيز پاڪستانين جي حقن جو سدائين خيال رکيو آهي ۽ انهن جي حقن لاءِ جنگ جاري رکندو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک ??وو??سيز پاڪستاني ووٽ جو حق نٿا رکن جڏهن ته اسان چئون ٿا ته اهي حق رکن ٿا، ??وو??سيز پاڪستانيز جيڪڏهن 31 ارب ڊالر پاڪستان نه موڪلين ها ته اڄ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي چڪو هجي ها، پاڪستان ۾ ووٽ وجهڻ ??وو??سيز پاڪستانين جو حق آهي ۽ اهو حق عمران خان کين ڏياريندو. ??فا??ي وزير چيو ته اڄ عمران خان سڀني کان مقبول اڳواڻ آهي، نواز شريف ۽ زرداري ان جي ويجهو به ناهن آهن، نواز شريف ۽ زرداري جي لاءِ پارڪ ۾ هلڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي جڏهن ته عمران خان لکن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو آهي، ميلسي، حافظ آباد ۽ بونير جا جلسا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ چئني صوبن جي ماڻهن جون دليون عمران خان سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، نواز شريف، زرداري جي ٻارن کي چوان ٿو ته اهي عمران خان وانگر پاڪستان ۾ جلسا ڪري ڏيکارين، بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو تمام وڏا اڳواڻ هئا، آصف علي زرداري پيپلزپارٽي جو ستن سالن ۾ ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان تي پوري پاڪستان کي ??عت??اد آهي، ??وو??سيز پاڪستاني اسان کان وڌيڪ ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، ??وو??سيز پاڪستانين جي حقن جو سدائين دفاع ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان ??وو??سيز پاڪستانين کي حق ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستانين جون دليون وزيراعظم سان گڏ ڌڙڪن ٿيون.
مخالف ڌر اوورسيز پاڪستانين جي ووٽن کان ڊنل آهي، پيپلزپارٽي کي سڀني کان وڌيڪ نقصان آصف علي زرداري پهچايو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : bolão quina