اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ۾ پاڪستا?? جي مدد سان تع??ير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع ت?? روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تع??يم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستا?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انه?? جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ افغانستا?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪان?? جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پاڪستا?? جي مدد سان تع??ير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع ت?? روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستا?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا