اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ?? جائزه اجلاس ٿيو، ان مو??عي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ان مو??عي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين م??حل?? ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.
وزيراعظم پاران غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔