اسلام آ??اد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ?? ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عور??ن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، عور??ن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عور??ن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ حڪومت، سمورا لاڳاپيل ادارا، حصيدار ۽ معاشرو پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن يو اين ويمن ۽ عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) جي اهتمام هيٺ ”نيشنل جينڊر پورٽل“ جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
صدر مملڪت ڪمپيوٽر ڪلڪ جي ذريعي پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڊيٽا پورٽل جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، ڇو ته ڊيٽا کانسواءِ موثر پاليسي سازي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب هو جنهن 14 سئو سال پهرين عور??ن کي انهن جا حق ڏنا. قرآن ڪريم ۾ عور??ن کي وارثت جا حق ڏيڻ جو حڪم آهي جيڪو عور??ن کي بااختيار بڻائي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به عور??ن کي بااختيار بڻائڻ جو حامي هو ۽ هُن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان پنهنجي عور??ن کي بااختيار نه بڻائينداسين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عور??ن کي بااختياربڻائن جي لاءِ وراثت ۾ ان جو حق ضرور ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ وراثت جو قانون پهرين کان موجود آهي تنهن هوندي به ان جي موثر لاڳو لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ عورتن ۽ شهرين ۾ قانون جي باري ۾ آگاهي به ضروري آهي. صدر چيو ته خاتون محتسب ۽ صوبائي سطح تي عورت محتسبن جي ذريعي وراثت جي قانون تي موثر عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، شهرين کي ان باري ۾ علم هجڻ گهرجي حڪومت جيڪي قانون ٺاهيا آهن ان موجب ڪنهن به عورت جي جائيداد تي قبضي کي محتسب خالي ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿي. صدر عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته عورتن ۽ ٻارڙين کي تعليمي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ خاندان ۽ معاشري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن مان ڇوڪرين جي نڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن،
صدر چيو ته عور??ن کي بااختيار بڻائڻ ۾ انهن جي صحت جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عور??ن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، صدر عور??ن کي بااختيار بڻائڻ ۾ احساس پروگرام جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چيو ته احساس پروگرام تحت عور??ن کي روڪ مدد جي ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ڪاروبار لاءِ حاصل ڪيل قرض جي واپسي جي شرح عورتن ۾ وڌيڪ آهي. احساس پروگرام تحت ايندڙ مرحلي ?? عور??ن کي ڌار ڌار بئنڪ اڪائونٽس جي قيام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو خاندان جي دٻاءُ کان آزاد ٿي ڪري مالي طور تي خودمختياري حاصل ڪري سگهي. مالي ?? ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عور??ن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، صدر چيو ته ناخوانده عور??ن کي هنر فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، انهي هنر کي استعمال ڪندي اڻ پڙهيل عورتون معاشي خودمختياري جي منزل جلد حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته معاشرو عور??ن کي پيداواري عمل ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪري، پاڪستان مسلسل تبديلي جي طرف گامزن آهي ۽ مون کي اميد آهي ته عور??ن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ ۾ حڪومت ، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا.