لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي غلط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو، اميد آهي هاڻي مخالف ڌر جون جهمريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعمان لنگڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحاف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جو موقف تفصيل سان ٻڌو، نعمان لنگڙيال سان ويجها لاڳاپا ??هن?? اسان جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿيندا ??هن?? ڪجهه مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي آهي ?? ان تي ڪنهن قسم ??ي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان جي لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان جو اهو مزاج آهي.
تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن