اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۽ علائ??ائ?? رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ ??سلامو ??وب??ا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو ??وب??ه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علائ??ائ?? رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائ??ائ?? رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائ??ائ?? ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائ??ائ?? امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.
پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو:اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری