جهلم – 28 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سي??حت کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن کي چئني موسمن، سمنڊ، اونچن پهاڙن، سالٽ رينج، سولائيزيشن ۽ تاريخي جاين جهڙن وڏن قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، سي??حت سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، سياحت جي ڪاميابي ۾ مقامي ماڻهن جو وڏو ڪردار آهي. جهلم ضلعي جي نندانه قلعي ۾ موجود البيروني پوائنٽ (باغن والا ڳوٺ) ۾ ورثي ٽريل جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته اسان جي تاريخي جاين ۽ قومي ورثي جو تحفظ به ايندڙ نسلن کي تاريخ کان آگاهه رکڻ ضروري آهي. هي منصوبو سياحت جي فروغ ۽ قومي سياحت جي حڪمت عملي 30 – 2020ع موجب وز??راعظم عمران خان جي ويزن جي حصي طور شروع ڪيو ويو هو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، وز??راعظم جو خاص معاون ذوالفقار عباس بخاري، پنجاب جو وڏو وز??ر عثمان بوزدار ۽ سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. وز??راعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي ڪا به قوم پنهنجي تاريخ کي ڄاڻڻ کانسوا??ِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تاريخي جاين ۽ عمارتن جي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان جو آثار قديمه کاتو ڪجهه نه ٿو ڪري پاڪستان ۾ تاريخي جايون جهڙوڪ موهن جو دڙو ۽ هڙپه کي انگريزن دريافت ڪيو هو. وز??راعظم هڪ آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر صمد پاران هري پور ۾ 40 فوٽ جي ٻڌ جي دريافت کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ تاريخي جاين جي ڳولا لاءِ وڌيڪ قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سياحت جي فروغ سان گڏوگڏ مقامي علائقي جي ترقي جي لاءِ باغن والا کي ٻين سهولتن جهڙوڪ هوٽلن، ريسٽورانٽس وغيره جي ترقي سان جديد ڳوٺ بڻايو ويندو. وز??راعظم عمران خان چيو ته هن علائقي ۾ ابو ريحان البيروني ??ي ڪم ناهي ٿيو. ترقي يافته ملڪن ۾ ان تي ڪم ٿيو. هن چيو ته هر قوم پنهنجي تاريخي ورثي کي تحفظ ڏئي اڳتي وڌي آهي، تاريخي جاين جي حفاظت ايندڙ نسلن کي تاريخ کان آگاهي جي لاءِ ضروري آهي، ڪا قوم پنهنجي تاريخ جي موازني کانسواءِ اڳتي نه ٿي وڌي، البيروني ??ي ڪم سان علائقي جي ترقي ۽ ان کي سياحت جي تاريخي حيثيت طور دنيا جي نقشي تي آڻڻ ۾ مدد ملندي، اسان جي ڪوشش هوندي ته هتي ماڊل ويليج ٺاهيون، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ سياحتي جاين کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته سوئيٽزرلينڊ، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ ترڪيءَ ۾ سياحن جي مقامي ماڻهن پاران مناسب سارسنڀال ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪري باغن والا جي ماڻهن کي به پنهنجي علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ورثي جي ٽريل جي ملڪيت وٺڻي پوندي.
حڪومت سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado