گڏيل قومون – پهرين ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين ??بب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئ?? ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، پاڪستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ ل??هي?? وارا علائقا موجود آهي، پاڪستان جي اتر ۾ بلند ترين ??ابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.
پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ