اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ??قافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪ??ڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياح?? سماجي ۽ م??اشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں