اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هي?? جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ??ار?? ڪشمير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ??ار?? جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث هي?? آيو، ??ار?? طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ??ار?? پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جا??يد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ??ار??ي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آهن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙجي رهيون آهن، ??ار?? پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامتي ڪائون??ل ۾ بحث هي?? نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي سلامتي ڪائونسل کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائون??ل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا بحث هي?? آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری