اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي سطح ۾ گهٽتائي، ڀارت سان واپار کي معطل ڪرڻ ۽ معاملو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آه??، ڪميٽي بهادر ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي کي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو، 15 آگسٽ کي ڀارتي آزادي جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آه??. وزيراعظم هٿياربند فوج کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفي?? ۾ ??زيراعظم عمران خ??ن جي صدارت هيٺ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز